اخلاق حسين

اخلاق حسين

اخلاق حسين

اخلاق حسين: ڪراچيءَ جو ناليوارو ستار نواز اخلاق حسين موسيقيءَ جي دنيا ۾ هڪ نمايان حيثيت رکي ٿو. هن هي فن پنهنجي والد استاد امداد حسين کان سکيو ۽ وڌيڪ سکيا استاد ڪبير خان کان ورتائين. اخلاق حسين ستار وڄائڻ جي فن وسيلي ملڪ ۽ ملڪ کان ٻاهر وڏي مقبوليت حاصل ڪئي آهي. هن پهريون دفعو پنهنجي فن جو مظاهرو 14 سالن جي عمر ۾ ڪراچيءَ ۾ ڪيو، ان کانسواءِ هو شڪاگو، نيويارڪ، بوسٽن، دبئي هوٽل ۽ ٻين ڪيترن هندستاني ۽ پاڪستاني موسيقيءَ جي پروگرامن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي. 1991ع ۾ کيس ڪراچيءَ ۾ ڊپٽي ڪائونسل جنرل آف انڊيا طرفان شاستري ٽرپتي وظيفو ڏياريو، جنهن ڪري هن کي دهليءَ وڃي پنڊت ’روي شنڪر‘ کان ستار وڄائڻ جي سکيا جو موقعو مليو.


لفظ اخلاق حسينھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو